آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم معيشت ۽ سلامتي سميت مختلف ش??بن ۾ تعاون جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ماحوليات جي تحفظ بابت معاهدي تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازقستان ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۾ پا??ست??ني وفد جي قيادت ڪئي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) اهم علائقائي ۽ عالمي سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي مسئلن، چئلينجز ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪائونسل تعاون جي مختلف ش??بن ۾ اٽڪل 20 فيصلن جي منظوري ڏني. آستانه پڌرنامي کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ سي ايڇ ايس ٽن بيانن کي اختيار ڪيو جن ۾ پيئ?? جي پاڻي ۽ صفائي، ويسٽ مئنيجمينٽ جو موثر انتظام ۽ سٺي پاڙيسري هجڻ جا اصول شامل آهن. ڪائونسل اقتصادي معاهدي تي ايس سي او جي لاڳاپيل وزيرن پڻ صحيحون ڪيون. سي ايڇ ايس سربراهي اجلاس دوران پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پا??ست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم گڏيل قومن جي مرڪزي هم آهنگي جي ڪردار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پراڻي تڪرارن کي پرامن طريقن سان حل ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم غزه جي صورتحال تي پا??ست??ن جي اصولي موقف کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن پا??ست??ن جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ کي ايس سي او جي پوري خطي جي لاءِ هڪ م??الي واپاري ۽ ٽرانزٽ حب جي طور تي پڻ اجاگر ڪيو. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئرمين جي طور پا??ست??ن گڏيل دلچسپي جي ش??بن ۾ ايس سي او جي سمورن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائ?? جي لاءِ ڪم جاري رکندو.