اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربر??هي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقس??ان ويندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪ??ري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن ??ي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪس??ان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪند?? جيڪو ايس سي ا?? جي ميمبر ملڪن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالمي تنظيمن کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪس??ان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن ??ي فائدي جي لاءِ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربر??هي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.