اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ ا??له جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر ??مير مقام، گلگت بلتستان جو وڏو و??ير حاجي گلبر خان، گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو و??ير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان جو ناڻي وارو و??ير انجنيئر محمد اسم??عي??، گلگت بلتستان جو منصوبابندي ۽ ترقي وارو و??ير راجا ناصر علي خان، ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.