شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي ل??ءِ يانگلنگ اي??ري??لچرل ڊيمانسٽريشن بيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شي – آن ۾ يانگلنگ اي??ري??لچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ان موقعي تي بيس جي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ه??ءِ ٽيڪ ڊيمانسٽريشن زون 2019ع ۾ صدر شي جن پنگ جي هدايت تي قائم ٿيو. يانگلنگ جي زرعي يونيورسٽي ۾ 142 پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. 120 شاگرد هتان فارغ ٿي چڪا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۽ ايوب اي??ري??لچر ريسرچ سان گڏجي زرعي جنسن تي تحقيق جاري آهي. وزيراعظم مصنوعي روشني جي ذريعي ڀاڄين جي پوکيءَ جي طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يانگلنگ اي??ري??لچر ه??ءِ ٽيڪ انڊسٽري اينڊ ڊيمانسٽريشن بيس چين ۾ پهريون ه??ءِ ٽيڪ صنعتي ترقي جو زون آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي ل??ءِ يانگلنگ اي??ري??لچرل ڊيمانسٽريشن موڪلڻ جو فيصلو ڪندي چين ۾ پاڪستاني سفير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي چيني عملدارن سان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم نارٿ ويسٽ اي??ري??لچر ۽ فاريسٽري يونيورسٽي کي پاڪستان ۾ ڪئمپس کولڻ جي دعوت ڏيندي پاڪستان حڪومت پاران ان ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. وزيراعظم کي بيس جي مختلف حصن ۽ پ??ڪستاني پويلين جو دورو پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم کي پاڪستاني پويلين ۾ پاڪستاني مصنوعات پڻ ڏيکاريون ويون. يانگلنگ اي??ري??لچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ 26 ملڪ زرعي تحقيق ۾ تعاون ڪن ٿا. پاڪستان سڀ کان پهريون ملڪ هو جنهن يانگلنگ اي??ري??لچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ تعاون شروع ڪيو. بريفنگ ۾ پاڪستاني سائنسدانن ۽ تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني يونيورسٽين بابت پڻ ٻڌايو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، حڪومت في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي ل??ءِ زراعت ۾ جدت جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات ۽ ان جي پراسيسنگ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي جديد پلانٽ پروڊڪشن فيڪٽري جو پڻ دورو ڪرايو ويو جتي زراعت جي طريقيڪار جي مختلف مرحلن جو عملي مظاهرو پڻ پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.