اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) جمهوريه آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف 29 کان 30 مئي تائين اسلام آباد جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن ??يو ته آذربائيجان جو پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پاڪستاني قيادت سان ملاقات ڪندو.