اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ڪالهه سو??ر ڏينهن ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙ?? جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو ??ظه??ر ڪرڻ هو. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاض?? جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي عملدارن ڪشميرين سان يڪجهت?? جي ??ظه??ر لاءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪر?? ٿو جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ضمانت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙ?? جي موقعي تي اچو اسان امن ۽ انصاف جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪر??ون، اسان سڀ گڏجي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو ??ظه??ر ڪندي انهن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪر??ون ٿا.