اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق تي ڪو ٺاهه نه ڪندي، پاڪستان جي عوام ڪالهه به ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل هو، اڄ به بيٺل آهي. اها ڳالهه هن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته وا??ار??ل ڪشمير پراڻو مسئلو آهي، ڪشمير جي ماڻهن 1931ع ۾ پنهنجي غلامي جي خلاف آواز بلند ??يو هو، پاڪستان قائم ٿيڻ وقت به ڪشميري قيادت خودمختياري جي حق جو مطالبو ??يو هو. هن چيو ته ڀارت جبري الحاق ڪري ڪشمير کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو، ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف ڪشميرين جي چوٿين نسل به ڄمي بيٺل آهي، ڪشميرين جي هر نسل پنهنجي بهادري جو هڪ نئون داستان لکيو آهي. هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڀارت ڪشمير کي قبرستان بڻائي ڇڏي ۽ سمجهي ته امن ٿي ويو آهي. هن چيو ته وا??ار??ل ڪشمير جا ماڻهو مسلسل پنهنجي حق جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪشميري عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آهي، ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق ۽ آزادي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ڪالهه به ڪشميرين سان گڏ بيٺل هئي ۽ اڄ به بيٺل آهي ۽ جيستائين انهن کي خودمختياري جو حق نه ٿو مل?? وڃي ان وقت تائين بيٺل رهندي. ان کان اڳ ريلي جي شروعات پرڏيهي آفيس کان ٿي جيڪا ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي. ريلي جي قيادت ثقافت واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه ڪئي جڏهن ته مذهبي معاملن وارو نگران وفاقي وزير انيق احم??، نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ۽ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي به ريلي ۾ شريڪ ٿيا. ريلي ۾ مختلف وزارتن جي ملازمن، پاڪستان سوئيٽ هومز جي ٻارن سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن وا??ار??ل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انس??ني حقن جي پائمالين ۽ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف بينرز ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا جڏهن ته شرڪت ڪندڙن وا??ار??ل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن ”ڪشمير ٺهندو پاڪستان“ جا نعرا هنيا. پارليامينٽ هائوس آڏو ڊي چوڪ پهچڻ تي سائرن وڄايا ويا ۽ وا??ار??ل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ريلي جي شرڪت ڪندڙن هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.