اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد 2024ع جي ??ون??ن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ??ون??ن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته اها اهڙا پليٽ فار?? مهيا ڪري جتي ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته ??ون??ن جي حوالي سان سڀني کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ ??ون??ن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هوندا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آهي جتي ملڪي مسئلن ۽ چئلينجن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو. اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ جي سيمينار جو مقصد به اهو ئي هو ته ??ون??ن جي حوالي سان سيمينار جي ذريعي ملڪي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آهي.