اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي. هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي 31 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ ڀارت ۾ تاريخي ”بابري مسجد“ جي شهيد ڪرڻ جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن 31 سال اڳ ڀارتي قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن جي موجودگي ۾ هندو جنونينن جي هڪ هجوم ايوڌيا ۾ صدين پراڻي مسجد کي شهيد ڪر?? ڇڏيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي اعليٰ عدليه ان نفرت انگيز فعل جي ذميوار ڏوها??ين کي نه رڳو آزاد ڪر?? ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر جي تعمير جي پڻ اجازت ڏئ?? ڇڏي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ ايندڙ عام چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ ان مندر جو افتتاح جنوري 2024ع ۾ متوقع آهي. بيان موجب بابري مسجد جي شهادت جو سبب بڻجندڙ مسلمان مخالف جنون بدستور جاري آهي، ڪجهه هفتا اڳ ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير ان ڳالهه جو عوام ۾ کلي ??ظهار ڪيو ته مسجد کي شهيد ڪرڻ پاڪستان جي ڪجهه حصن تي ٻيهر دعويٰ ڪرڻ جي نموني طور تي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ حڪمران طبقي سان تعلق رکندڙ عنصر مسلمانن جي خلاف هسٽريا ۽ نفرت کي هوا ڏئي رهيا آهن، اڄ هندو بالادستي جي لاءِ سرگرم گروهه ڪيت??ين ئي ٻين مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو ??طالبو ڪري رهيا آهن جن ۾ وارانسي جي گيانواپي مسجد ۽ مٿرا جي شاهي عيدگاهه مسجد شامل آهن. بيان موجب ڪيت??ين ئي مسجدن ۽ مزارن کي مختلف انتظامي قدمن يا عدالتي عمل جي آڙ ۾ اڳ ۾ ئي شهيد ڪيو ويو آهي، مسلمانن جون مقدس جايون به انتهاپسندن جي هجوم جي حملن جو ??شانو بڻيل آهن. پرڏيهي آفيس چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو ??وٽيس وٺڻ گهرجي. بيان ۾ پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ته اهي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي.