اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن ج?? 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ ۽ فيوچر واري م??لڪتي وزير ايهود بنت خلفان الرومي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن ج?? 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي ج?? حوالي سان پاڪستان ج?? قومي بيانيو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان ج?? موقف پيش ڪيو. ڪوپ – 28 جي م??قعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا ۽ مالديپ جي صدرن، نيدرلينڊز، استونيا، شام جي وزيراعظمن ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ج?? ڪوچيئر بل گيٽس سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 پاڪستان پويلين ج?? دورو پڻ ڪيو، ليونگ انڊس انيشي ايٽو ج?? حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ زيد سسٽين ايبلٽي پرائز جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪوپ – 28 دوران نگران وزيراعظم عالمي م??ڊيا کي ڏنل انٽرويوز ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪ جي گهرو، پرڏيهي معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان ج?? موقف پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم دبئي کان گوادر پهچندو جتي هو چين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ س??مونڊي پاڻي کي صاف ڪري استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جو افتتاح ڪندو.