اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جو ايڊيشنل سيڪر??ٽر?? (آفريقا) شهريار اڪبر خان 5 ۽ 6 ڊسمبر تي گهانا جي شهر اڪرا ۾ گڏيل قومن جي منعقد ٿيندڙ امن فوج جي وزارتي ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو وزارتي اجلاس انهن اجلاسن جو حصو آهي جن مان هڪ هن سال آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ??يو هو جن ۾ ”گڏيل قومن جي پيس ڪيپرز جي حفاظت ۽ سلامتي“ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته ان اجلاس ۾ اسان جي شرڪت گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار وابستگي کي اجاگر ڪري ٿي جنهن جي تاريخ ??هن ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ اهم فوجي حصيدار طور آهي.