اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هلندڙ مهيني جي ??رو?? ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيو. هن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اتفاق را??ِ پيدا ڪرڻ ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪردار کي ساراهيو. هن غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ بيگناهه فل??طينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.