راولپنڊي – 06 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي عورتن تي زور ڏ??و آهي ته اهي ڇاتيءَ جي ڪي??سر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ۽ هر مهيني 5 منٽن جي لاءِ پاڻ پنهنجو معائنو ڪن ته جيئن ڇاتيءَ جي ڪي??سر جي شروعاتي مرحلي جي خبر لڳائڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ ان س??ن هزارين عورتن جي حياتي بچائي سگهجي ٿي. هو بهبود ايسوسيئيشن راولپنڊي جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪي??سر آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪي??سر سبب 44 هزار فوتگيون هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان بيماري جي جلد سُڃاڻپ بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڇاتيءَ جي ڪي??سر بابت خطرن کان بچڻ بابت عام ماڻهن کي حساس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. بيگم ثمينه علوي ٻڌايو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪي??سر ??ان صحتياب ٿيندڙن جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته هن پاڪستان ۾ ڪي??سر جي سُڃاڻپ جي لاءِ ميموگرافي جي ناڪافي سهولتن جي ڪري فوتگين جي شرح وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جي عورت جنهن ۾ 14 کان 15 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪي??سر جي سُڃاڻپ ٿي رهي آهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏ??و ته اهي پاڻ معائنو ڪرڻ جو طريقو ??کن ۽ پنهنجي ڀرپاسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 کان وڌيڪ عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن بهبود مدد ۽ چائيلڊ اسپتال جي لاءِ پنهنجي خاندان پاران 500000 رپيا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪي??. هن معذور ماڻهن جي شموليت، ذهني صحت ۽ عورتن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏ??و. هن معذور ماڻهن کي تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ تي زور ڏ??و. پاڪستان آرمي ۾ ملڪ جي پهرين ٿري اسٽار عورت جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر چيو ته دنيا ۾ 8 مان هڪ عورت ڇاتي جي ڪي??سر سبب موت جي منهن ۾ هلي وڃي ٿي جيڪا هڪ خوفناڪ صورتحال آهي. هن چيو ته پاڪستان جي صحت جون خدمتون صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي عالمي صحت جي هدف موجب ڌيان ڇاتيءَ جي ڪي??سر سبب ٿيندڙ فوتگين کي 25 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ تي آهي.