??يو??ارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پ??ڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ??يو??ارڪ ۾ ڪيوبا جي هم منصب برونوروڊ ريگوز پاريلا سان ملاقات ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس موجب ڌرين ملاقات د??را?? ٻطرفي، گهڻ رخي ۽ علائقائي معاملن جي وسيع موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پ??ڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل خيال رکندڙ بهترين لاڳاپا آهن. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن، غيروابسته ملڪن جي تحريڪ ۽ جي 77 ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيو. نگران پ??ڏي??ي وزير 2005ع ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ڪيوبا پاران ڏني ويندڙ طبي امداد تي پاڪستاني عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. نگران پ??ڏي??ي وزير جيلاني 2023ع ۾ جي 77 ۽ چين جي سربراهي د??را?? ڪيوبا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيوبا جي نگران پ??ڏي??ي وزير کي 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي هوانا ۾ منعقد جي 77 ۽ چين جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي پ??ڏي??ي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار، بائيو ٽيڪنالاجي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.