اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿي??دڙ 10 ه??ن ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس منعقد ڪر?? رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ هو اي??دڙ سال ساموا ۾ ٿي??دڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان پهرين ايجنڊا ترتيب ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪر?? رهيو آهي. اجلاس جو ٿيم ؛ ايم هائر: ڊليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ؛ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪ??دڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان به ملاقات متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت مشترڪه ۽ حڪومت پاڪستان 2023ع تي نوجوانن جي سال جي طور تي ملهائي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمينٽ ۽ ما??ول??ات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي اهي جن تي اي??دڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.