اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن ??ي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت واپار واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران و??ير??عظم کي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپار واري وزارت پاران ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪيننگ ۽ معائني جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ٿيندڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن ??ان واپار جي فر??غ لاءِ ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران و??ير??عظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن ??ي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.