اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فيصل آباد جي جڙانوالا تعلقي جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران جڙانوالا سانحي جي متاثر خاندانن س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪندو ۽ متاثر خاندانن ۾ امدادي چيڪس پڻ ورهائيندو. نگران وزيراعظم ان دوري ۾ متاثر گرجا گهرن جي نئين س?? تعمير جي اڳڀرائي جو جائزو پڻ وٺندو. ان موقعي تي وزيراعظم شرڪت ڪند??ن کي خطاب پڻ ڪندو.