اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صادق سنجراڻي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سينيٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت عوامي امنگن مو??ب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪندي پر ملڪي معاشي ترقي جي سفر کي وڌيڪ ت??ز ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪندي ته ان مختصر عرصي ۾ عوامي نمائندن جي اعتماد تي پ??رو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.