اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيا?? بڻائڻ جي ل??ءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ڏيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??يندي چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي ل??ءِ خصوصي ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيا?? بڻائڻ جي ل??ءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذوري جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته هنرمند خصوصي ماڻهن جي نوڪري جي ل??ءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ نجي شعبي ۾ وڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن انهن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگهجي. صدر قومي ۽ صوبائي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ڪيل معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??نو. هن وڌيڪ چيو ته اهو فريم ورڪ معزوري جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي ل??ءِ موزونيت جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذوري جي سرٽيفڪيٽس کي اردو ۾ ترجمو ڪري عام ماڻهن جي ل??ءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ??نو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ??نو ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابندي جي فريم ورڪ ۽ معذوري جي سرٽيفڪيٽ کي اختيار ڪرڻ جي ل??ءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهت?? بڻائين جنهن سان خصوصي ماڻهن کي تمام وڌيڪ سهولت ملندي. صدر ميڊيا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو ته جيئن انهن جي حوصلا ??فزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زور ??نو ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ نوڪريون ڳولڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.