اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي سياس?? مشاورت جو ڇهون دور انقره ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پاڪستان جڏ??ن ته ترڪيءَ جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير بورڪ اڪاپر ڪري رهيو آهي. ڌريون ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، اقتصادي، سيڪيورٽي، سماجي ۽ ثقافتي جدتن تي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون. ان دو??ان اعليٰ ترين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ايڇ ايل ايس ??ي سي سميت مختلف اداراجاتي مڪينزم جو جائزو ورتو ويندو. خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب اها مشاورت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايڇ ايل ايس ??ي س?? جي ايندڙ دور جو مرحلو طئي ڪندي. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن.