اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري اداڪار ??ڪي?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نالو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي سنهري دور سان ڳنڍ??ل آهي، جڏهن ڊراما پنهنجي جاندار ڪردارن ۽ اداڪاري جي ڪري ناظرين کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته ??ڪي?? پنهنجي لازوال ڪردارن ۽ شاندار اداڪاري جن سان منهنجي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون واڳ??ل آهن، جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.