اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن جي وچ ۾ ٻطرفي س??اسي مشاورت جو پنجون دور (سڀاڻي) اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندو. روسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اينڊري روڊينڪو ڪندو جيڪو 20 ۽ 21 جون تي اسلام آبا?? جو دورو ڪندو. پرڏيهي س??ڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ س??ن گڏوگڏ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن جي نشاندهي ڪنديون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل احترام، اع??ماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻئي ملڪ هن سال س??ار??ي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.