اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ بين الصوبائي رابطن واري و??ار?? جي 14 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ ??پيا رکيا ويا آهن. جاري سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب و??ار?? جي 14 جاري منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ ??پيا جڏهن ته 3 نئين منصوبن جي لاءِ 20 ڪروڙ ??پيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ سائوٿ ايشين گيمز 22 – 2021ع منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي لاءِ 61 ڪروڙ 17 لک رپيا، اسلام آباد، فيصل آباد، واهه ڪينٽ، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ سوات ۾ هاڪي ٽرف جي تبديلي جي لاءِ 25 ڪروڙ ??پيا، ميگا ايونٽس ۾ شرڪت جي لاءِ فارن ڪوچز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ اوزارن جي خريداري جي لاءِ 10 ڪروڙ ??پيا، پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ بائيو مڪينيڪل ليب قائم ڪرڻ جي لاءِ 12 ڪروڙ ??پيا ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ رستن، فٽ پاٿ، مين گيٽ ۽ سيڪيورٽي سسٽم جي بحالي ۽ تعمير جي لاءِ 10 ڪروڙ 35 لک رپيا رکيا ويا آهن، قومي رانديون منعقد ڪرڻ جي لاءِ 15 ڪروڙ ??پيا رکيا ويا آهن.