پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دو??ي تي پشاور پهچي ويو. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. انجنيئر امير مقام پڻ ان موقعي تي موجود هو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال ۽ ٻيا وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور جو دو??و ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي حملو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظ?? گورنر هائوس پڻ ويندو جتي کيس امن امان جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. خيبرپختونخواهه جي سياسي قيا??ت پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.