اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه عمران خان پهريون آر ٽي ايس ??اخته شخص آهي ??نهن ملڪ سان دشمني ڪئي، اس??ن بهادري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين، عمران خان اس??ن جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت اس??ن ڄمي بيٺل رهياسين ۽ سرخرو ٿياسين ڇو ته عوام ۽ قيادت کي خبر هئي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪئي، امانت سمجهي ??وام جي خدمت ڪئي ۽ بهادري سان ڄميل رهياسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته ناحق سزا کائيندڙن ۽ چورن ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو آئينو پيش آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون شيئر ڪندي چيو ته هي ??صويرون جرئت، بهادري ۽ وفاداري جون ناقابل فراموش مثال آهن ۽ عمران خان جي فسطائيت، بدترين سياسي انتقام ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جون واضح حقيقتون آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت چار نسلن جو حساب ڏنو ۽ سرخرو ٿي. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي ڪابينا گرفتاري تي روئيندي، ڀڄندي، گدڙن وانگر لڪندي رهي، توهان کي ڇڏيندي پئي وڃي ڇو ته انهن کي خبر آهي ??ه توهان توشه خانه جا چور، ڪوڙا، فارن ايجنٽ، القادر ٽرسٽ جي 60 ارب جا ڌاڙيل آهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ۽ ان جي جٿن ملڪ تي لشڪرڪشيءَ ڪئي ۽ ڪرائي، اس??ن سان پنهنجي ڀيٽ نه ڪريو. مريم اورنگزيب چيو ته نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ۽ طيبه گل کي اغوا ڪري عمران خان اس??ن جي خلاف 15 ڪلو هيروئن سميت بنا جاچ جي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ۽ جيلن ۾ وڌو. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي هٿياربند جٿن تي قومي ۽ حساس عمارتن تي حملي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، ريڊيو پاڪستان، مسجدن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ايمبولينسز ساڙڻ جي ڏوهه جا ڪيس ٺهيا. وفاقي وزير چيو ته اس??ن جون ڌيئرون ڀينرون عمران خان جي گهٽ ظرف وحشياڻي انتقام جو نشانو بڻيون، عمران خان مريم نواز کي نواز شريف جي ڪمزوري سمجهي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ۽ موت جي سزا جي چڪي ۾ وڌو. هن چيو ته عمران خان اس??ن بابت عدالتي فيصلا پڙهي ۽ شرم ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته هي ??صويرون توهان وانگر آرٽيفيشل انٽيلي جنس سان ٺاهيل تصويرون نه آهن پر توهان جي ڪاري دور جي بدترين فسطائيت جو واضح ثبوت آهن. جڏهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سميت مخالف ڌر بئنچز جون پهريون ٻه قطارون جيل ۾ هيون، پنجاب جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي جيل ۾ وڌو ڇو ته اهي ??وهان جي چوري، نااهلي ۽ عوام دشمني تي سوال اٿاريندا هئا. اطلاعا?? واري وفاقي وير چيو ته اهو فرق هوندو آهي ??قيقي ۽ مصنوعي سياسي پارٽين ۽ قيادت ۾. اهو فرق هوندو آهي ??صل سياسي پارٽي ۾ ۽ سياست جي لباس ۾ ويڙهيل هٿياربند جٿن ۾. هن چيو ته 75 سالا ملڪي تاريخ ۾ سياسي قائدين سياسي مخالفت ڪئي پر عمران خان پهريون آر ٽي ايس ??اخته شخص آهي ??نهن ملڪ سان دشمني ڪئي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سياسي مخالفن?? ميڊيا سان دشمني ڪئي ۽ سڀ کان وڌيڪ ناقابل معافي ڏوهه اهو آهي ??ه عمران خان رياست سان دشمني ڪئي پر اس??ن بهادري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين. اطلاعا?? واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون جن عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ جيلون ڪاٽيون.