اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) کي متاثر شاگ??د کي 11270 ڊالر جي رهتن جي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. متاثر شاگرد 15 سال اڳ شروعاتي مرحلن ۾ ئي يونيورسٽي جي سيٽ ڇڏي ٻي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏي هئي پر نسٽ فيس واپس ڪرڻ بدران ضبط ڪري ڇڏي هئي. صدر قرار ڏنو ته نسٽ غيرمنصفاڻي طور تي فيس ضبط ڪري بدانتظامي ڪئي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب صدر کي ا??و معاملو 2022ع ۾ موڪليو ويو جيڪو 15 سال پراڻو هو. صدر چيو ته نسٽ وفاقي حڪومت جي ا??تظام هيٺ ”ايجنسي“ آهي، نسٽ ڪو نجي واپاري ادارو نه آهي، عوامي شعبي ۾ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارو آهي، نسٽ جي پراسپيڪٽس جي ڪا به شق قانون جي مقرر ڪيل حد کان اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. هن چيو ته ڪا پاليسي يا ضابطي ڪار استحصال ۽ شخص جي حقن بابت پاڪستان جي ائين جي شقن کي ڪالعدم نه ٿا ڪري سگهن، داخلا نه و??ڻ جي باوجود شاگرد جون رهتون ضبط ڪرڻ استحصال ۽ بدديانتي جي برابر آهي. تفصيل موجب شاگرد نسٽ ۾ 2007ع ۾ ايم بي بي ا??س ۾ داخلا ملڻ تي 11420 ڊالر داخلا فيس جمع ڪرائي، ٻي يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ تي هن سيٽ ڇڏي ڏني ۽ رقم جي واپسي جي لاءِ درخواست ڏني. نسٽ ريفنڊ پاليسي کي بنياد بڻائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي. شاگرد جي والد (شڪايت ڪندڙ) 2008ع ۾ وفاقي محتسب سان راب??و ڪيو، جنهن رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نسٽ فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. نسٽ وضاحت نه ڪري سگهيو ته ان جي پاليسي ڪيئن جائز آهي يا فيصلي سان ان کي مالي نقصان ٿيو. نسٽ پاران فيس برقرار رکڻ جي فيصلي کي بنا جواز قرار ڏنو ويو. بعد ۾ نسٽ 2015ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ رٽ پٽيشن داخل ڪئي. عدالت بدانتظامي جي ارتڪاب ۽ نسٽ جي ”ايجنسي“ هجڻ جي سوالن تي فيصلي جي لاءِ معاملو صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگ??د کي پيش ڪيل ”عارضي داخلا“ کي حتمي داخلا ۾ تبديل نه ٿو ڪيو ويو، خالي ڪيل سيٽ تي نسٽ هڪ ٻئي شاگ??د کي داخلا ڏني، نسٽ پاران هڪ ئي سيٽ تي ٻه فيسُون وصول ڪرڻ ڏٺو وڃي ته استحصال ۽ بدديانتي آهي، رقم جي واپسي رد ڪرڻ جو عمل ”جبري ۽ ضبطگي“ جي برابر آهي، يونيورسٽي پراسپيڪٽس ۾ چيو ويو ته ٽيوشن فيس ۽ ڊيولپمينٽ فنڊ واپس نه ڪيا ويندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته داخلا حتمي نه هجڻ ۽ نسٽ کي مالي نقصان نه ٿيڻ تي شاگرد رقم واپسي جو مستحق آهي، نسٽ بدانتظامي ڪئي، رهتون واپس ڪيون وڃن. هن چيو ته نسٽ جو قيام پارليامينٽ جي ا??ڪٽ تحت ڪيو ويو، صدر پاڪستان سرپرست اعليٰ ۽ وزيراعظم چانسلر آهي، نسٽ وفاقي حڪومت جي ذريعي قائم آهي، ”ايجنسي“ جي زمري ۾ اچي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته متاثر شاگ??د کي ضبط ٿيل رقم ادا ڪئي وڃي.