اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن وزيرا??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سردار اختر مينگل وزيرا??ظم کي بلوچستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پاران وزيرا??ظم جي ملڪي بقاءَ ۽ بلوچستان جي ترقي لاءِ قدمن تي مڪمل ??عتماد جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏوگڏ گوادر جي مقامي ماڻهن کي عالمي معيار جي شهري سهولتن جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سردار اختر مينگل چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيرا??ظم شهباز شريف بلوچستان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو، ٻوڏ دوران وزيرا??ظم بلوچستان جي علائقن جو پاڻ دورو ڪري متاثر بلوچن جو درد ونڊ??و جيڪو اڄ کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گذريل هڪ سال ۾ ملڪ ۾ ??دي?? معاشي مشڪلاتن ۽ قدرتي آفتن جي باوجود ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو.