اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اڀرندڙ ڊيجيٽل نشرياتي نظام بابت هڪ مذ??ڪري ۾ مقررين ان نظام جي اهم ادارن جي وچ ۾ رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ان کي اجتماعي طور تي فروغ ملي ۽ اهو مثبت ۽ تعميري انداز ۾ قوم جي بهتر طور تي خدمت ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار FMs اسٽريم چينل ۽ OTT پليٽ فارمز جي نمائندن ان مذ??ڪري ۾ ڪيو جنهن جو اهتمام پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي سلسلي ۾ ريڊي?? پاڪستان هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڪيو. مختلف نجي ايف ايم چينلز، اسٽريم چينلز ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن، تعيلمي ماهرن ۽ صحت جي شعبي جي ماهرن مذ??ڪري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته پرائيويٽ ايف ايم چينلز ماڻهن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ معلومات ۽ تفريح فراهم ??رڻ ۾ ريڊي?? پاڪستان وٽ موجوده پروگرامن ۽ معلومات جي قيمتي ذخيري مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ريڊي?? پاڪستان ميڊيا جي شعبي ۾ معياري انساني وسيلن جي تخليق جي لاءِ تعليمي ادارن سان تعاون به ڪري سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ريڊي?? پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن وٽ اطلاعات ۽ معلومات جو قيمتي اثاثو موجود آهي ۽ ان جي دستيابي عام ??رڻ جي لاءِ هڪ نظام جوڙيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ ريڊي?? پاڪستان جي وسيع تر پهچ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي ذريعي ان قومي نشرياتي اداري جي نشرياتي اوزارن جو معيار بلند ڪيو پيو وڃي ته جيئن آواز جو معيار بهتر ٿي سگهي. ريڊي?? پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل طاهر حسن ڳالهائيندي چيو ته ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ جي نئين رجحانن جي گهرج آهي ته لاڳاپيل ادارن ۾ رابطي کي فروغ ڏنو وڃي. هن سرڪاري نشرياتي اداري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٿيندڙ قدمن کي اجاگر ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايف ايم 105 جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ذوالفقار علي شاهه چيو ته عوام جي وسيع تر مفاد جي لاءِ اسان ريڊي?? پاڪستان سان تعاون جي لاءِ تيار آهيون. هڪ آءِ ٽي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وهاج سراج چيو ته اڄ نشرياتي ميديا کي تخليق ۽ جدت جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا درپيش آ??ن ۽ اسان جي خيال ۾ روايتي طريقن کان هٽي ڪري ان جو حل ڳولڻ گهرجي. ريڊيو انجنيئرنگ ڪمپني جي سي اي او ڊاڪٽر جاويد هارون قريشي چيو ته ريڊي?? پاڪستان موثر مواد جي تخليق سان مالامال آهي ۽ اسان کي ان جي اشاعت ڪرڻي. ڊپارٽمينٽ آف سوشل سائنسز نسٽ جي ڊين ڊاڪٽر سلميٰ صديق چيو ته نسٽ نوجوان نسل کي نشريات جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ تربيتي اڪيڊمي قائم ??رڻ جي لاءِ ريڊي?? پاڪستان سان تعاون ??رڻ لاءِ تيار آهي. آءِ ايم ڊي سي جي سي اي او ڊاڪٽر ياسر نياز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انهن جو ادارو عوام ۾ صحت جي حوالي سان آگاهي پيدا ??رڻ ۽ تعليم جي فروغ ۾ ريڊي?? پاڪستان سان تعاون ڪندو. چائنا ميڊيا گروپ جي تصور زمان چيو ته ريڊي?? پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل ۾ حصيداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ ۽ عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ مو??ر ثابت ٿي رهي آهي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي مان وڪيل خان چيو ته پيمرا ريڊيو جي صنعت جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ عوام کي بهتر انداز ۾ تعليم ۽ تفريح فراهم ڪندو رهندو. مرڪزي تقريب ريڊي?? پاڪستان اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي ميزباني ناليواري صحافي، تجزيه نگار ۽ ريڊي?? پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڪئي. اهڙي طرح جا مذ??ڪرا پي بي سي جي صوبائي هيڊڪوارٽرز لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ پڻ ٿيا.