اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) ٿائيلينڊ ٽيڪسلا ميوزيم کي ٻ??ڌ جي هڏين جي آثارن لاءِ هڪ جديد ترين ڪنٽينر تحفي ۾ ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ هڪ تقريب ۾ حوالي ڪيو ويو. تقريب ۾ ٿائيلينڊ ج?? سفارتخاني ج?? سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ ٽيڪسلا ميوزيم جي ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي. ٿائيلينڊ ج?? سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ۽ ترجمان ممتاز زهره بلوچ کي ڪنٽينر پيش ڪيو جنهن پاڪستان پاران ان کي وصول ڪيو. مقدس آثار سان گڏ ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکيو ويندو. ٽيڪسلا جو قديم شهر ٻڌ مت جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهم??ت رکي ٿو.