اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??ارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا بيان پاڪستان ??ي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس آهن. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان جي خلاف تازن بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته پاڪستان ??ارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪري ٿو. ترجمان ??يو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ??ارت مظلوميت جو فرضي داستان ۽ پاڪستان مخالف پروپئگنڊه جي ذ??يع?? عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي مهم ۾ مصروف آهي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. مسلسل پاڪستان مخالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ڀارت جي نڪ جي پڪائي سان ملوث هجڻ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي پڙدو وجهي سگهي ٿو. ترجمان ??يو ته ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ??ارت پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ جو سلسلو بند ڪري. رڳو ڪجهه هفتا اڳ هڪ ڊوزيئر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود هئا جيڪي 2021ع ۾ لاهور جي هڪ پرامن پاڙي ۾ ٿيندڙ دهشتگرداڻي حملي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. 2007ع جي سمجهوتا ايڪسپريس سانحي ۾ ڀارتي سرزمين تي 40 کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين جي مارجڻ کان وٺي 2016ع ۾ ڀارتي بحريه جي حاضر سروس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي پاڪستان جي اندران ??رفتاري تائين، دهشتگردي ۽ تخريبڪاري ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن.