اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ 3 ڪرو?? 32 ??ک جا جدا جدا چيڪ پيش ڪيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۽ جاري س??ار?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ جي لاءِ ڪراچي انٽرنيشنل ??نٽينر ٽرمينل لميٽيڊ پاران هڪ ڪروڙ 16 لک، سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز پاران هڪ ڪروڙ 16 لک ۽ سي اي او ڪنگز گروپ پاران هڪ ڪروڙ رپيا عطيي جا چيڪ پيش ڪيا.