اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ انساني امداد جي پهرين اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي وئي. پرڏيهي آفيس موجب اها کيپ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، ڪراچي ۾ سعودي عرب جي ق??نصل جنرل بندر فهدالديل پرڏيهي آفيس ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن سان گڏ وصول ڪئي. پاڪستان سعودي عرب پاران ٻوڏ سٽيلن جي لا??ِ امدادي سامان جي فراهمي تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن.