اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن جو س??ڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ??ين??و، گڏيل قومن جو س??ڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جو س??ڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪندو جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو. انتونيو گوٽريس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳ??له?? ٻولهه کانپوءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن جو س??ڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳ??له?? ٻولهه ڪندو. گڏيل قومن جو س??ڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳ??له?? ٻولهه پڻ ڪندو.