اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا آهن جن مان سڄي دنيا جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ سوئيڊن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي تعاو?? جي سلسلي کي جاري رکندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊ?? جي سفير هنرڪ پرسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سوئيڊ?? جي سفير ملاقات ۾ گڏيل لاڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. هنرڪ پرسن بلاول ڀٽو زرداري کي سوئيڊ?? جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد?? جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ سفير جي وچ ۾ دنيا کي درپيش موسمياتي تبديلي?? جي چئلينج جي حوالي سان پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيو ته ا??و ڄاڻي خوشي ٿي ته سوئيڊش ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فائدو کڻي رهيون آهن، دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن.