اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڊيرا غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري تي ڊيرا غازي خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي مددگار عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض مح??ود خان مزاري، اسلم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز گڏ آهن. وزيراعظم کي اتان جي ٻوڏ ??تا??رين جي جاري مدد تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ڊيرا غازي خان ۾ ٻوڏ ??تا??رين سان ملاقات به ڪندو.