اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي اهي ته اهي ملڪ ۾ سستي بج??ي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙين، ريلوي واري و??ار?? افغانستان مان درآمد ٿي?? ڪوئلو جلد کان جلد پاور پلانٽس تائين پهچائڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي جڏهن ته وزيراعظم درآمدي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ افغانستان مان درآمد ٿي?? ڪوئلي جي چرپر جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، توانائي واري وفاقي وزير انج??يئ?? خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي منڊي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ قيمت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس مان مهانگي بج??ي پيدا ڪرڻ جو بنيادي سبب قرار ڏنو. وزيراعظم ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ افغانستان مان اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو ڊالرز بدران رپين ۾ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان نه رڳو سستي بج??ي پيدا ڪرڻ پر ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي رڳو ساهيوال ۽ حب پاور پلانٽس جي لاءِ گهرب?? ڪوئلي جي افغانستان مان درآمد تي امپورٽ بل ۾ ساليانو 2.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿيندي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان مقصد جي لاءِ موثر نظام جوڙين ته جيئن ملڪ ۾ سستي بج??ي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائي سگهجي. وزيراعظم ريلوي واري و??ار?? کي به هدايت ڪئي ته اها افغانستان مان درآمد ٿي?? ڪوئلي ج?? پاور پلانٽس تائين جلد کان جلد پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم درآمدي عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.