اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز ترين ترقي جي ??اءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان اسيمبلي جي ??يمبرن سان ملاقات دوران صدر چيو ته هڪ سٺي حڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿ??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي ??با ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، اسان ۾ هر لحاظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ ٻئي ميدان ۾ وسيلن جي ڀ??ٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ انهن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ??اءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ضرورت پوندي. بلتستان يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر جي ??قرري بابت صدر چيو ته علائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي ??قرري ڪئي ويندي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي ??روغ لاءِ گلگت بلتستان جي ??ين ضلعن ۾ به ميمبرن جي ??طالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتستان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگت بلتستان جي ترقي جي ??اءِ ضروري وسيلن جي ??راهمي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پڻ موجود هئا.