اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي، گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا هلي رهيا آهن جيڪي گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪجهتي جي ??ست??ڪم بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته تازن سالن ۾ اسان ثالثي، دهشتگردي جي خات??ي، پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ، مسلمانن جي خلاف نفرت جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت اهم شعبن ۾ تعاون ڪيو آهي.