اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي خطبي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته شرعي اصولن جي پابندي سان صحت، صفائي، ماحول، ملاوٽ ۽ رشوت جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، ??نٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شاهه ??ني?? هاشمي ڪورونا وبا جي تناظر ۾ اجتماعي نظم ۽ ضبط ۽ شهرين جي ذميدارين جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، ??يوان صدر جي آفيسرن ۽ ملازمن جمعي جي نماز ادا ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر شاهه ??ني?? هاشمي پنهنجي خطي ۾ خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ جا ارشاد بيان ڪندي چيو ته پنهنجي صحت کي بيماري کان پهرين غنيمت سمجهيو وڃي، ??حت کي انسان لاءِ خ??ر جو سبب هوندي آهي، هڪ صحتمند ماڻهو ٻين جي لاءِ نفي جو سبب بڻجندو آهي ۽ ڪنهن جي مٿان بار ناهي هوندو. هن چيو ته خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو ته تندرست ۽ توانا ماڻهو ڪمزورن ۽ بيمارن ماڻهن سان الله جي نظر ۾ اعليٰ آهي، ??نسان کي پنهنجي صحت جي نعمت جو قدر ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بيماري اصل ۾ الله طرفان آزمائش هوندي آهي، ??سلام جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا قدم کنيا ويا جنهن سان انساني صحت جي قدر معلوم ٿيندي آهي، ??يڪا صحتمند معاشري لاءِ اهم آهي، ??هڙي معاشري جي فروغ لاءِ اسان جي ذميداري آهي ته اسان انهن قدمن جي پيروي ڪريون هن چيو ته ماهرن جي راءِ جو احترام ڪندي انهن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته صحت مند زندگي صفائي ۽ طهارت سان ٻڌل آهي، ??ن لاءِ اسلامي عبادتن لاءِ طهارت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ??اتم النبين حضور اڪرم ﷺ جسماني صحت سان گڏوگڏ ماحول جي صفائي تي به خصوصي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي آهي، هن روز مره جي استعمال جي شين جي معيار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي خراب شين ۽ ملاوٽ جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ??رقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.