اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فوجداري نظام اصلاحات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي، عدليه ۽ وڪيل برادري فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، ب??ر ايسوسيئيشنز جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، انهن جي حل لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻنداسين. اها ڳالهه هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم، هاءِ ڪورٽ ب??ر ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ ب??ر ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ بار ??ائ??_جوا/117855.html">?ان??هره ۽ تعلقي بار حويليان جي وفدن سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهي، انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت سستا قرض فراهم ڪيا ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ته ب??ر ايسوسيئيشن ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي ڏسي خوشي ٿي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته جهلم کي موٽر وي سان ملايو پيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جهلم جي لاءِ هڪ کرب روپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪرايا، هن چيو ته 44 ارب روپين جي لاڳت سان جلال پور ڪينال پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، لله کان جهلم ٻن ??ائ??ن واري رستي جي منصوبي تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي، سنگهوئي کان مصري موڙ ۽ لله کان پنڊدادن خان تائين رستو هن سال جون ۾ مڪمل ٿي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته ان رستي تي 55 سالن کانپوءِ ڪم شروع ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ??ائ??_جوا/117855.html">?ان??هره، ايبٽ آباد ۽ حويليان ۾ وڪيل برادري لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين، هن چيو ته ب??ر ايسوسيئشنز کي فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، ب??ر ايسوسيئيشنن جي وفد ۾ ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي جي صدر ارشد مجيد ملڪ ۽ سيڪريٽري ملڪ مبشر، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي صدر چوڌري عبدالطيف، جنرل سيڪريٽري سيد جرار حيدر شاهه ۽ ايگزيڪيٽو ميمبرن چوڌري يعقوب، چوڌري ضياءُ الملڪ، حافظ عبدالسمي?? کوکر، چوڌري ڪاشف اسلام، ناصر زمان راجا ايڊووڪيٽ ميان عبدالرح??ائ??_جوا/117855.html">?ان?? محمد انعام الحق، پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين، هاءِ ڪورٽ ب??ر ايبٽ آباد جي صدر حاجي صابر حسين تنولي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد بابر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ ب??ر ايبٽ آباد جي صدر عبدالستار خان ۽ جنرل سيڪريٽري سردار سميع الرح??ائ??_جوا/117855.html">?ان?? ڊسٽرڪٽ بار ??ائ??_جوا/117855.html">?ان??هره جي صدر بلال خان ۽ جنرل سيڪريٽري اظهر ظهور تنولي، تعلقي بار حويليان جي صدر رئيس خان، جنرل سيڪريٽري گل ظهير خان ۽ نائب صدر سعيد خان شامل هئا، ب??ر ايسوسئيشنز جي ميبرن وقت فراهم ڪرڻ تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو ٿورو به ادا ڪيو.