اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرروت ??هي?? حڪومت صحافين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم ??هي?? صحافي برادري کي ترجيحي بنياد?? تي صحت ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، سليمان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز کي جوائنٽ سيڪريٽري، شيراز حسنات کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته صحافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، ??يڊ??ا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پيرا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته صحافي معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندا آهن، ??يڊ??ا جي نشاندهي تي ئي حڪومت مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته صحافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.