اسلام آ??اد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪالهه آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ سندس ٽيم وزيراعظم کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جو مقصد افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي، ان لاءِ پاڪستان تم??م گهڻو ڪم ڪيو آهي، اڄ دنيا پاڪستان ??ي موقف جي ويجهو نظر ا??ي رهي آهي.