اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا بلدياتي چونڊن ۾ سڌو سنئون چونڊيل تعلقي ناظم حڪومتي معيار ۾ بهتري آڻيندا ۽ مستقبل جا اڳواڻ بڻجندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا بلدياتي چونڊن تي اٿ??دڙ شور ۾ ڪنهن کي اهو احساس نه ٿي رهيو آهي ته اهي چونڊون ڪامياب ??مهوريتن ۾ ڏٺو ويندڙ نظام وانگر جديد ۽ منتقل ٿيندڙ اختيار رکن??ڙ بلدياتي نظام جي آغاز جو نڪتو آهن. سڌو سنئون چونڊيل تعلقي ناظم حڪومتي معيار ۾ بهتري آڻيندا ۽ مستقبل جا اڳواڻ بڻجندا.