اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پاڪستان ??يليوزن، پي ٽي وي کي 57 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني آهي. پي ٽي وي جي 57 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پي ٽي وي هڪ اهڙو قومي ادارو آهي جنهن کي پاڪستان ۾ ٽيلي ويزن جو ”اڳواڻ“ چيو ويندو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ موجود ڪيترن ئي نجي ٽي وي چئنلز جي لاءِ شر??عاتي افرادي قوت، ٽيڪينڪي صلاحيت ۽ پيشيوراڻي رهنمائي پاڪستان ??يلي ويزن جي پرو??يش??لز ئي فراهم ڪئي آهي.