اسلام ??باد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، مذهبي معاملن وارو وفاقي ??زير پير نور الحق قادري ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي ??زير پير نور الحق قادري خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته موجوده حڪومت پاران اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي يوم ولادت باسعادت جي مناسبت سان عشره رحمت اللعالمين ملهايو پيو وڃي جنهن تي آئون مبارڪون پيش ڪريان ٿو، هن حضور اڪرم ﷺ جي رحمت ۽ ان جي عموميت، شموليت ۽ آفاقيت جي مختلف رخن کي ا??اگر ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پا?? صه ﷺ کي سڀني جي لاءِ سراپا رحمت بڻائي موڪليو، پا?? سڳورن جي زندگي مبارڪ سموري انسانيت لاءِ مش??ل راهه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته عوام ??ي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.