اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اق??صادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس جي ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ خصوصي اق??صادي زونز ۾ چيني سيڙپڪارن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌندءُڙ آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدا??ن کي خصوصي اق??صادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اق??صادي زونز کي جلد فعال ڪري سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪل 27 خصوصي اق??صادي زونز آهن جن مان 5 زونز جن ۾ سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي، بلوچستان ۾ بوستان، پنجاب ۾ علامه اق??ال انڊسٽريل سٽي ۽ بلوچستان ۾ گوادر شامل آهن، تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وڌيڪ اهو ته ممڪن چيني سيڙپڪارن جي سمورن مسئلن کي هڪ ڇت هيٺ حل ڪرڻ جي لاءِ انهن مان هر هڪ زون ۾ هڪ موثر ون ون??و آپريشن سهولت ۽ سي پيڪ اٿارٽي ۾ هڪ سهولت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي.