اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اهو واحد ??يڊر آهي جيڪو عوامي خدمت جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، پيپلزپارٽي سميت واريون لڳائيندڙ سياسي پارٽين ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، جيڪڏهن انهن کي عوام جو ايترو ئي خيال هجي ها ته اهي پنهنجي دورن ۾ ڪرپشن بدران عوامي خدمت تي ڌيان ڏين ها، پي ٽي آئي جي واحد حڪومت آهي جنهن هر سال صوبن کي اين ايف سي کانسواءِ به برابر موقعا فراهم ڪيا آهن، سنڌ جي حڪومت جي ڪرپشن جي لازوال داستانن جي ڪري ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، پاڻي فراهمي جي ڪي فور منصوبي تي وفاق پاڻ ڪم ڪري رهيو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب، اڄ تائين ته تو??ان اهو نه ٻڌائي سگهيا ته اين ايف سي جي مد ۾ وفاق پاران ڏنل 1900 ارب ڪٿي استعمال ٿيا، ڪوڙ، ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس پيپلزپارٽي جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، پرچيءَ چيئرمين صاحب، سليڪيٽيڊ جي تعريف تي تو??ان پورو لهو ٿا، سڀ ڄاڻين ٿا ته هڪ وصيت تي تو??ان ان عهدي تي آهيو. هن چيو ته انصاف، قانون جي بالادستي ۽ عوامي خدمت جي بنياد تي 2023ع جي اليڪشن ۾ به پ?? ٽي آئي ڪلين سوئيپ ڪندي، بلاول سميت ڌانڌلي سٽيل ۽ چور رستي کان اقتدار ۾ ايندڙ ائين ئي منهن ڏسندا رهندا، عوام ڄاڻي ٿي ته پ??پلزپارٽي سدائين عوام جي خدمت جي آڙ ۾ ڦرلٽ ڪئي آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، تو??ان جي ڪارڪردگي اها ئي آهي ته زرداري جي اولاد آهيو، ڪڏهن ڪنهن سياسي جدوجهد ۾ شامل نه ٿيا.