اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ملڪ جي بهتري لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ڪنهن به معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ اخلاقي قدر تمام اهم هوندا آهن، ??اڪ??تان ۾ ٻن وڏن خاندانن ملڪ کي بيدردي سان ڦريو آهي، گذريل ٽن سالن کان طاقتور طبقي کي قانون جي طابع آڻڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي لاءِ ??اڪ??تان تحريڪ انصاف قائم ڪئي، غريب ملڪن جي اشرافيه من?? لانڊرنگ سان ساليانو اربين ڊالر ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪري ٿي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان بابت اڪرام سهگل جي ڪتاب ”اي پرسنل ڪرونيڪل آف ??اڪ??تان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته اڪرام سهگل محب وطن ليکڪ آهي ۽ سندس لکڻين کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم عمران خان چ??و ته جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ويندا آهن، ملڪي حالتون ڏسي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ڄاڻان ٿو، ان ل??ءِ پنهنجي جدا سياسي پارٽي ٺاهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي لاءِ موڪليو آهي، جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ويندا آهن. هن چ??و ته غريب ملڪن جي اشرافيه من?? لانڊرنگ سان ساليانو اربين ڊالر ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ کان اڳ ملڪي سياسي نظام بابت وڌيڪ چاڻ نه رکندو هئس، شروع ۾ پيپلزپارتي ۽ (ن) ليگ جي قيادت شموليت جي دعوت ڏني، نواز شريف ۽ زرداري کي انهن جي ڪرپشن تي چئلينج ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان وڏن انسانيت جي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪيون، قومون سدائين انهن کي ياد رکن ٿيون جيڪي انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو درد رکندا آهن، اسان جي ايمان جو حصو آهي ته عزت الله تعاليٰ پاران ملي ٿي، ڪنهن به ڪم ۽ وڏي مقصد جي لاءِ مثبت سوچ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چ??و ته ??اڪ??تان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، جن جي موثر استعمال جي ضرورت آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ اسان سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، ??اڪ??تان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ڪم جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياحت جو تمام گهڻو پوٽينشل آهي جنهن جي فروغ جي لاءِ ڪم جي ضرورت آهي، اسان جا اتريان علائقا سوئيٽز??لي??ڊ کان وڌيڪ خوبصورت آهن. وزيراعظم چيو ته حضرت علي رضه جو قول آهي ته ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو پر ظلم جو نه، الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي لاءِ موڪليو آهي، ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي لاءِ ??اڪ??تان تحريڪ انصاف قائم ڪئي ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون.