اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن ۾ فائدي جي لاءِ مستقل ڪيل ايڊهاڪ ملا??من تي نظرثاني ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگر??م ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملا??من جي مستقلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادارا انهي لاءِ تباهه ٿين ٿا، پي ٽي وي سميت وڏا ادارا سياسي ۽ س??ار??ي ڀرتيون ٿيڻ تي تباهه ٿيا، گهڻي بجيٽ ادارن جي ملا??من جي پينشن ۾ وڃي ٿي، آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ايڊهاڪ ملا??من کي مستقل ڪرڻ جو اهو قدم کنيو ويو هوندو، 2008ع ۾ اسٽيل ملز منافعي ۾ هئي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ سياسي ڀرتين سان اهو ادارو اڄ بند ٿي چڪو آهي، پي آءِ اي اهڙي ط??ح خساري ۾ آهي، اسان کي ملڪ کي امانت سمجهي هلائڻو آهي، آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملا??من کي مستقل ڪرڻ تي نظرثاني ڪنداسين.