ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويزن 2030ع موجب ملڪ ۾ صحت جي سهولتن جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ نرسنگ جي شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ تعليم ۽ تربيت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نرسن جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حا??ل ڪيون وڃن. گورنر هائوس ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن (وائي اين اي) سنڌ جي وف?? سان ملاقات ۾ صدر نرسنگ جي پيشي ج?? اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۽ ويزن 2030ع جا هدف حا??ل ڪرڻ جي ڏس ۾ هي شعبو انتهائ?? اهميت رکندڙ آهي. هن پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (پي اين سي) تي زور ڏنو ته نرسن کي معياري تعليم ۽ نرسنگ جي بهترين اصولن تي عملدرآمد جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حا??ل ڪيون وڃن.